عزت خان جو مقبرو

عزت خان جو مقبرو

عزت خان ملڪ جو قبرستان

عزت خان ملڪ جو قبرستان: ملڪ عزت خان برفتن جي مشهور سردار ملڪ پهاڙ خان جو پٽ هو. برفت قبيلو اصل نسل سنڌ جو آهي. هن قبيلي سنڌ جي سماج توڙي تاريخ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. هنن سمن، ارغونن، ڪلهوڙن توڙي ميرن جي دورن ۾ اهم ڪارناما سرانجام ڏنا. جڏهن ارغونن، سمن جي حڪومت هٿ ڪئي، تڏهن برفتن ارغونن جي خلاف گوريلا ويڙهه وڙهي، انهن ۾ ملڪ پهاڙ خان برفتن کي هيرو سمجهيو ويندو هو، جيڪو ان وقت لسٻيلي جو حاڪم هو. هن لس ٻيلي کان پوءِ دادوءَ واري علائقي ڪاڇي تي نظرون رکيون، جتي ان وقت ميان يار محمد ڪلهوڙي جو راڄ هو. هن سيوهڻ جي ڪن علائقن کي فتح به ڪيو هو. ميان يار محمد مٿس ڪاهه ڪئي ۽ مٿس غالب ٿيو. سندس سياسي سمجهه ڏسي ميان يار محمد ڪلهوڙي کٽيل علائقا کيس واپس ڪري ساڻس ٺاهه ڪيو، ۽ کيس ٻين قومن جي خلاف استعمال ڪيو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ پهاڙ خان ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ڪيو ويندو هو. ميان نور محمد کيس لسٻيلي ۽ ڪاڇي ۾ وڏيون جاگيرون ڏنيون. ملڪ پهاڙ خان 1471ع ۾ وفات ڪري ويو ته سندس گهر واري مائي چاڳلي سندس جاگيرن جو انتظام سنڀاليو. ان وقت ۾ مائي چاڳليءَ طرفان رونجها سندس جاگير جو وهنوار سنڀاليندا هئا. جلد ئي ڪوريجن جي سردار ڄام عالي کانئس حڪومت ڦري قبضو ڪري ويٺو. جنهن ڪري مائي چاڳلي ڪوٽڙيءَ لڏي اچي ويٺي. سندس مقبرو ڪوٽڙيءَ ۾ ملڪ عزت خان واري قبرستان ۾ موجود آهي. عزت خان ملڪ پهاڙ ۽ مائي چاڳلي جو پٽ هو، جنهن کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي فوج ۾ اهم عهدو ڏنو. هن غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ ڪيترين ئي جنگين ۾ حصو ورتو ۽ سوڀارو ٿيو. عزت خان 1776ع ۾ وفات ڪري ويو.
سندس مقبرو سندس ماءُ چاڳلي جي مقبري جي ڀر ۾ آهي. ملڪن جو اهو قبرستان ڪوٽڙي گورنمينٽ ڪاليج جي پويان نهايت جهريل حال ۾ موجود آهي. هنن جي خاندان مان ٻي اهم شخصيت بولا خان هو، جنهن ٿاڻو بولا خان ٻڌايو هو. هي نورمحمد ڪلهوڙي جي اهم شخصيت هو. هن وقت ملڪ اسد سندس خاندان مان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو